اکتوبر 14, 2025

بزنس ڪميونٽي کي سستي بجلي جي فراهمي لاءِ ترجيحی بنيادن تي قدم جاري آهن، وزير توانائي سنڌ


ايس ٽي ڊي سي ۽ سيپرا عوام ۽ بزنس ڪميونٽي کي سستي بجلي جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ناصر شاهه


ڪراچي سنڌ جي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بزنس ڪميونٽي ۽ عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جون به ڀرپور ڪوششون شامل آهن۔ اهي خيالات هن هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان بزنس فورم طرفان منعقد ڪيل "ملٽي اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس آن ڪمپٽيٽو اليڪٽرڪ مارڪيٽ ان پاڪستان” ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ظاهر ڪيا۔ هن چيو ته ايس ٽي ڊي سي (سندھ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپاچ ڪمپني) ۽ سيپرا (سندھ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي) سستي بجلي جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔ ڪراچي جي صنعتن ۽ رهواسين کي سيپرا جي تحت فراهم ڪيل بجلي جا ريٽ ڪي-اليڪٽرڪ جي ريٽن کان ڪافي گهٽ هوندا۔

اها بجلي سنڌ ۾ تيار ٿي ايس ٽي ڊي سي ذريعي منتقل ڪئي ويندي، جنهن جا ريٽ نيپرا جي ٽريف سان ڳنڍيل نه هوندا پر سنڌ حڪومت پاڻ طئي ڪندي۔ ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته سيپرا ۾ عملي جي ڀرتي ٿي چڪي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن مهيني جاري ٿي ويندو۔ اسان جي بنيادي توجهه اڪنامڪ زونز تي آهي ۽ ڪوشش آهي ته سيپرا تحت پهرين بجلي جي ترسيل ڪي-فور منصوبي جي گرڊ کي ڏني وڃي۔ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي کان سيپرا کي آئيني طور منظور ڪرايو ويو آهي ۽ ڪراچي جا شهري به هن نظام مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، پر ترسيلي نظام ايس ٽي ڊي سي وٽ هجڻ ضروري آهي۔

صوبائي وزير چيو ته مهانگي بجلي کان ستايل شهرين لاءِ هي هڪ وڏي خوشخبري آهي، ڇو ته هائبرڊ پارڪس جي قيام سان بجلي جي ريٽن ۾ گهٽتائي ايندي۔ سنڌ حڪومت ٻين ملڪن جي ماڊلز کي نظر ۾ رکي توانائي جي مسئلن جي حل تي ڪم ڪري رهي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز جي مهانگي ڪيپيسيٽي چارجز جو حل وڌيڪ کان وڌيڪ صنعت قائم ڪرڻ ۾ آهي، ڇو ته رقم ته ادا ڪرڻي آهي پر ساڳئي وقت معاشي ترقي به ٿيڻ گهرجي۔ هن مقصد لاءِ ڪيترن آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ به ٿيندي، جنهن سان عام صارفين کي رليف ملندو۔

ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي-اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي، وفاق جا ٽي ڊائريڪٽر آهن۔ اسان وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ نمائندو وفاق جو هجي ۽ باقي ٻه سنڌ جا هجن۔ سنڌ حڪومت ڪي-اليڪٽرڪ کي سولر پارڪس ذريعي سستي بجلي ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جڏهن سولر سان بجلي پيدا ٿي رهي هجي ته مهانگي ايندھن سان پيدا ٿيل بجلي نه ورتي وڃي۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے