
ڪراچي
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ھر سال بجيٽ جي موقعي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ سنڌ سرڪار تي الزام لڳائڻ حافظ نعيم جي پراڻي عادت آھي، حافظ نعيم جنھن انداز ۾ نورا ڪشتي جو الزام مڙھيو آھي اھو اصل ۾ سندس پنھنجي سياسي بي وزني جو اظھار آھي.
جماعت اسلامي جي امير جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار سدائين تعليم جي شعبي کي اوليت ڏني آھي، تعليم ۽ صحت جي بھتر ي جي لاءِ جيترا قدم پاڪستان پيپلز پارٽي کنيا آھن ايترا ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بھ ناھن کنيا.
ھن چيو تھ سنڌ ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جا جيڪي ترقياتي ڪم ٿي رھيا آھن اھي ڪنھن نوراڪشتي جو نتيجو ناھن پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي مسلسل عوامي خدمت جو ثبوت آھن، حافظ نعيم کي جيڪڏھن سنڌ جي تعليمي نظام جي ڳڻتي ھُجي ھا تھ ھُو آواز اٿاري ھا تھ 18ھين ترميم باوجود وفاقي حڪومت سنڌ جي حصي جي رقم بروقت ڇو ناھي ڏيندي؟
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ جي تعليمي بجيٽ رڳو انگ اکر ناھن پر اھا زميني سطح تي اسڪولن جي بحالي، استادن جون ڀرتيون ۽ ٻين تعليمي پروگرامز ۾ نظر ايندي آھي، حافظ نعيم کي گھرجي تھ ھُو الزامن جي سياست بدران سنڌ جي عوام لاءِ ھاڪاري سوچ رکي.