نومبر 22, 2024

سينئر اداڪار ۽ ھدايتڪار امجد عيساڻي بيماري جي بستري داخل ھلڻ ڦرڻ کان لاچار
ثقافت کاتي توڙي دوستن ۽ ساٿين بہ کيس وساري ڇڏيو زندگي مان مايوس ،
سنڌي ميڊيا کي زندگي جو ڳچ حصو ارپيندڙ 40 سالا امجد عيساڻي 2017 کان دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيو جڏهن تہ ھاڻ کيس ڪاري ڪامڻ بہ ورائي ڇڏيو آھي
زندگي مان مايوس ٿيڻ تي ھن ٻڌايو ت آءُ ھر وقت پنهنجي وِتَ ۽ وَسَ آھر پنهنجي دوستن توڙي ساٿين سان گڏ رھيو آھيان پر مونکان ڪنهن فون ڪري تي بہ حال ناھي پڇيو سندن کان ڪابہ شڪايت ناھي بس ڏک اٿم ۽ اھو ڏک اندر ۾ رکي ھليو ويندس
پنهنجي وس آھر علاج ڪرايان پيو ثقافت کاتي سميت ڪنهن بہ سار ناھي لڌي ان جو وڏو سبب شايد اھو بہ آھي تہ مون وٽ ڪا جوڳي سفارش ناھي
زندگي مان مڪمل طور مايوس ٿي چڪو آھيان باقي جيڪا حياتي رب ڪريم وٽان ملي آھي اھا گذارڻي آھي ھر حال ۾ رب جو شڪر ادا ڪندو آھيان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے