ڪراچي
پاڪستان، خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم طور، ستين زرعي شماري 2024 – انٽيگريٽڊ ڊجيٽل ڳڻپ جو اڄ سرڪاري طور افتتاح ڪيو ويو. هن منصوبو کي صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز محمد علي ملڪاڻيءَ هارين جي بهتري، چوپائي مال جي پيداوار ۾ واڌاري ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو.
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل هن تقريب ۾ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز وارو وزير محمد علي ملڪاڻي، منصوبابندي ۽ ترقيءَ ۽ توانائي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ چيف اسٽيٽسٽيشين، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS)، ڊاڪٽر نعيم الظفر شامل هئا. ان کان سواءِ، مختلف صوبائي کاتن جا سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرلز ۽ ٻيا آفيسر به تقريب ۾ شامل هئا.
پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر نعيم الظفر هن زراعت شماري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو، "اهو صرف ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي مشق ناهي، پر هڪ اهڙو بنياد آهي، جنهن جي ذريعي اسان زرعي شعبي کي پائيدار ترقي طرف وٺي وينداسين. پهريون ڀيرو، اسان هڪ مربوط ۽ مڪمل ڊجيٽل طريقي کي اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ زرعي، لائيو اسٽاڪ ۽ مشينري جي ڳڻپ کي هڪ جامع آپريشن ۾ گڏ ڪيو ويو آهي.”
زراعت شماري جا مقصد بيان ڪندي، ڊاڪٽر نعيم الظفر وڌيڪ چيو، "هن زراعت شماري جي ذريعي پاڪستان جي زرعي جوڙجڪ، فصلن جا نمونا، مال جي آبادي، ۽ مشينري جي رجحانن بابت اهم ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي. جديد اوزار، جهڙوڪ ٽيبليٽ تي ٻڌل ڊيٽا گڏ ڪرڻ، GIS ڊيش بورڊز، ۽ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ، ڊيٽا جي درستگي، ۽ بروقت فراهمي کي يقيني بڻائين ٿا. اهو منصوبو بين الاقوامي بهترين طريقن ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (FAO) جي هدايتن مطابق آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 1,695 زراعت شماري ڪندڙن ۽ نگراني ڪندڙن کي 30 جڳهن تي تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن ڊيٽا جي معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. هن سنڌ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي، جنهن ۾ 8.2 ملين ايڪڙ قابلِ ڪاشت زمين شامل آهي ۽ ڪپهه، چانور، ڪمند، ۽ ڪڻڪ جهڙا اهم فصل پيدا ڪيا ويندا آهن.
تقريب ۾، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز، محمد علي ملڪاڻيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته "هي زراعت شماري اسان جي زرعي طريقن کي جديد بڻائڻ، خوراڪ جي حفاظت، ماحولياتي بحران، ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقي جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم آهي. سنڌ جو زرعي شعبو ان جي معيشت جي مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جيڪو اسان جي 37 سيڪڙو آبادي کي سهارو ڏئي ٿو. هن زراعت شماري مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ پاليسي سازن کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مدد فراهم ڪندي.”
صوبائي وزير وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، تعليمي ادارن، ۽ ٻين لاڳاپيل شريڪن جي گڏيل ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو، "اسان جيڪو ڊيٽا گڏ ڪنداسين، ان جا ڊگهي مدي تائين اثر پوندا، جيڪي هارين جي بهتري، پيداوار جي صلاحيت ۾ واڌارو، ۽ خوراڪ جي حفاظت کي مضبوط بڻائيندا.”
منصوبابندي ۽ ترقي ۽ توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاھ پڻ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو، "اسان جي حڪومت جديد طريقن جي ذريعي زرعي شعبي کي درپيش چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هي زرعي شماري ان ويزن کي مڪمل ڪرڻ جي هڪ اهم ڪڙي آهي.”
تقريب ۾ موجود صحافين سوال ڪيا، جن ۾ گذريل 16 سالن ۾ زراعت شماري جي نه ٿيڻ جا سبب ۽ موجوده شماري جي درستگي، ۽خاص طور تي ماحولياتي تبديلين جي پس منظر ۾ هن زراعت شماريءَ جي ڪارآمد ۽ موثر هئڻ بابت سوال شامل هئا.
فيلڊ آپريشنز 1 جنوري کان 10 فيبروري 2025 تائين جاري رهندا، جڏهن ته حتمي نتيجا آگسٽ 2025 تائين متوقع آهن. هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ سهڪار ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي.