دسمبر 1, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي لاءِ حب ڊيم مان روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي گهري ورتو. وزيراعليٰ هائوس ۾ چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني سان ملاقات دوران آر بي او ڊي ۽ چئن منصوبن سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وزير آبپاشي ڄام خان شورو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو ۽ ڪي فور پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عامر مغل شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ متوازي ڪينال ٺاهي رهي آهي. هن ڪراچي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ روزانو 50 ملين گيلن اضافي پاڻي ڏيڻ تي زور ڏنو. چيئرمين واپڊا وڏي وزير کي تجويز ڏني ته هو واٽر بورڊ کي ان حوالي سان لکت ۾ درخواست ڏئي، جنهن تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لکت ۾ درخواست به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. چيئرمين واپڊا وڏي وزير کي ٻڌايو ته حب ڪئنال جي مرمت جي مد ۾ واپڊا واٽر بورڊ تي هڪ ارب رپيا واجب الادا آهن. وڏي وزير جواب ڏنو ته سندس حڪومت واپڊا جي رهتن جو مسئلو حل ڪندي. هن مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي سمري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪي فور منصوبو: ڪراچي کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ واري ميگا پروجيڪٽ جو 4 (فيز 1) ڪراچي ۾ ڪيجهر ڍنڍ کان ٽي اختتامي پوائنٽ آهن انهن ۾ پيپري، نيڪ ۽ منگھوپير شامل آهن. اهو منصوبو واپڊا ٺاهي رهيو آهي ۽ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ جون 2026 آهي. واپڊا پاران تعميرات ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪيجهر ڍنڍ تي روزاني 650 ملين گيلن جي ڪنٽينمينٽ اسٽرڪچر، ڪينجهر پمپنگ ڪمپليڪس ڏانهن ويندڙ 650 ملين گيلن روزاني گريويٽي چينل، ڪمپليڪس ۾ 130 ايم جي ڊي جي 2 پمپنگ اسٽيشنون هونديون. ان کان علاوه 260 ايم جي ڊي پائيپ لائين جي تعمير ۽ فلٽريشن پلانٽ سان گڏ 3 ذخيرا پڻ منصوبي جو حصو آهن. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ورڇ ۽ واڌ واري نظام تي ڪم ڪري رهي آهي. 50 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جا به انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ منصوبي لاءِ گهربل زمين به حاصل ڪئي پئي وڃي. چوٿين منصوبي تي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏيندي چيئرمين واپڊ چيو ته منصوبي کي قومي ۽ عالمي ڪانٽريڪٽرز 8 مختلف معاهدن جي صورت ۾ مڪمل ڪري رهيا آهن. انٽيڪ اسٽرڪچرز، پمپنگ اسٽيشنز، واٽر سپلائي سسٽم، واٽر رزروائرز ۽ فلٽريشن پلانٽس سميت سمورن منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. مجموعي طور تي منصوبي تي 53 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي حصي مان 8 ارب رپيا جاري ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو جنهن تي وڏي وزير بلديات واري وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت جي رقم جاري ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري. 5 ڪلوميٽر روڊ جي زمين ۽ عدالتي ڪيسن جي حوالي سان وڏي وزير ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته اسٽي آرڊر ختم ڪرايا وڃن ته جيئن منصوبي تي ڪم اڳتي وڌي سگهي. ان کان علاوه آر ڊي 78 تي هڪ ٻئي زميني تڪرار تي وڏي وزير سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته معاوضي جي ادائيگي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. آر بي او ڊي 1 ۽ 3 منصوبا: وڏي وزير ۽ چيئرمين واپڊ وفاقي فنڊن سان تعمير ٿيندڙ آر بي او ڊي 1 ۽ آر بي او ڊي 3 منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آر بي او ڊي 1 پراجيڪٽ لاڙڪاڻي، دادو ۽ ڄامشوري مان سلٽ، زرعي نيڪال ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال جي سهولت فراهم ڪري ٿو جڏهن ته آر بي او ڊي 3 پروجيڪٽ قمبر، شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد مان پاڻي فراهم ڪري ٿو. لوئر انڊس رائٽ بئنڪ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج پروجيڪٽ (LIRBP) خاص طور تي آر بي او ڊي-1 پروجيڪٽ 1994 ۾ سلٽ ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي سيوهڻ وٽ انڊس لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌو دريا ۾ ڇڏڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. آر بي او ڊي-1 ۽ آر بي او ڊي-3 منصوبا بالترتيب 2020 ۽ 2021 ۾ مڪمل ڪيا ويا ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي حوالي ٿيڻا هئا پر واپڊ پاران نقصان جي اوڳاڙي ۽ قرضن جي تڪرارن سبب منصوبا سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪيا ويا. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته 2022 جي ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت آر بي او ڊي جي بحالي ۽ مرمت تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا جنهن تي وڏي وزير چيو ته واپڊا اها رقم صوبائي حڪومت کي ادا ڪري. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير ۽ واپڊا جي چيئرمين آبپاشي کاتي ۽ واپڊا جي ميمبرن تي مشتمل ماهرن جي هڪ ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. اها ڪميٽي آر بي او ڊي 1 ۽ آر بي او ڊي 3 جي مسئلن جو جائزو وٺندي ته جيئن ان منصوبي کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وڏي وزير سنڌ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے