دسمبر 26, 2024

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ يوم دفاع پاڪستان قومي جذبي سان ملهايو ويو
ڪراچي
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ يوم دفاع پاڪستان قوم جذبي، حب الوطني ۽ عزم سان ملهايو ويو. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن، هيروز ۽ فوجي نوجوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ ملڪ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.
ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران جمعي 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هتقريب کي خطاب ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته، 1965ع جي جنگ دوران اسان جي فوجي جوانن وڏي همت ۽ بهادري سان ملڪ جو دفاع ڪيو ۽ اُن وقت هر پاڪستاني، ٻارن کان وٺي بزرگن تائين، عظيم قومي جذبي سان سرشار هئا. هن چيو ته اڄ به اسان جي ملڪ جو هر فورس ۽ هر شهري ملڪ جي خدمت واري جذبي سان سرشار آهي. اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، جيڪي ملڪ جي حفاظت لاء اندروني ۽ سرحد پار دهشتگردن سان جنگ جوٽي بيٺا آهن. پنهنجي هٿياربند فوج جي ڪري ئي اڄ اسان محفوظ آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته جنريشن وارس کان وٺي اڄ جي اڻ ڏٺل جنگين تائين اسان جون فوجون ملڪ ۽ ان جي جاگرافيائي سرحدن جو دفاع ڪري رهيون آهن. انتهاپسند ۽ اندروني ۽ بيروني عناصر روزاني جي بنياد تي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان جي هٿياربند فوج پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي به انهن کي شڪست ڏئي رهي آهي، پر هن وقت اسان جي هٿياربند فوج کي اسان جي جذبي ۽ سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميڊم نورجهان جي انهن ملي نغمن کي ياد ڪيو، جڏهن هن 1965ع جي جنگ دوران اسان جي بهادر سپاهين جي جذبي کي بلند رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ اهڙو ئي جذبو ۽ ساٿ اڄ به پاڪستان جي پنهنجي فوج کي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر صحرائي چيو ته اسان کي انهن ڳالهين کي سنجيدگيءَ ۽ پختي سوچ سان وٺڻ گهرجي ته اسان جو وجود ڪيئن برقرار هئو، اسان جو وجود ڪيئن برقرار آهي ۽ ايندڙ وقتن ۾ ڪيئن رهندو. تنهنڪري اسان کي پنهنجي دفاع، پنهنجي معيشت، پنهنجي تعليم، پنهنجي صحت، فوڊ ٽيڪنالاجي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ سڀ کان وڏي ماحولياتي چئلينج تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
وائس چانسلر چيو ته يونيورسٽين کي انهن شين کي اجاڳر ڪرڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي ملڪ جي مفاد ۾ آهن. هن چيو ته اڄ ڪجهه عناصر ملڪ ۽ پاڪستان جي افواج خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ اهي ملڪ جا دشمن آهن، انهن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙا عناصر پاڪستاني نٿا ٿي سگهن. وائس چانسلر چيو ته ملڪ جي ڪجهه ڀٽڪي ويل نوجوانن غلط رستو اختيار ڪيو آهي، انهن کي صحيح رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي ملڪ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ محمد نعيم احمد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر جي ڏينهن تي اسان جي بهادر فوجي جوانن متحد ٿي بي مثال جرئت ۽ قرباني سان وطن جو دفاع ڪيو. اهي نه رڳو اسان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پر اسان جي قومي قدرن، آزادي ۽ وقار جي حفاظت لاءِ به وڙهندا رهيا. هن چيو ته اڄوڪي تقريب اسان جي هيروز کي خراج تحسين ۽ انهن جي جذبي کي اڳتي وڌائڻ جي ياد ڏياريندڙ آهي. هن چيو ته يوم دفاع جي موقعي تي ايس ايم آءِ يو پاران ٻن ڏينهن جا پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن. بعد ۾ پروگرام ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تقريب جي ڪاررائي مسز زنيرا جلالي هلائي.
ان موقعي تي ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي شاگردن مختلف ملي نغما پيش ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريرون ڪيون. 1965ع جي جنگ تي هڪ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے