ڪراچي سنڌ جي وزير تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي خانگي اسڪولن کي مادري ٻولين سنڌي ۽ اردو جي نصاب جي تعليمي اهميت ۽ تحفظ کي نظر ۾ رکندي قدمن کڻڻا پوندا، جيئن ٻارن جي سکڻ جي عمل کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملي سگھي. تعليم واري صوبائي وزير سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي منظور ٿيل نصابي ڪتابن جي استعمال ۽ اهل استاد جي تقرري کي لازمي قرار ڏيندي چيو آھي ته اھڙن قدمن سان شاگردن جي ٻولي سکڻ جي صلاحيتن ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ان حوالي سان سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽي ٽيوشنز جي تازي معائني ۾ ڪجهه مسئلا پڻ سامهون آيا آهن، جن ۾ غير منظور ٿيل سنڌي نصابي ڪتابن جو استعمال، جنھن ۾ گرامر جي غلطين جي نشاندھي شامل آھي ان کان علاوه ٻوليءَ پڙھائڻ لاءِ غير واسطيدار استاد جي مقرري جهڙا مسئلا شامل آهن. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه واضع ڪيو آهي ته مادري ٻولين جي پڙهائڻ بابت خانگي اسڪولن جي غير سنجيده رويي سبب ٻار جي ٻولي سکڻ جي بنياد متاثر ٿي رهي آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ وزير تعليم ڪيترن اهم قدمن جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته خانگي اسڪولن ۾ مادري ٻولي جيئن ته اردو ۽ سنڌي لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي منظور ٿيل نصابي ڪتابن جو لازمي استعمال ڪيو وڃي ۽ تربيت يافته ۽ اهل استاد جي مقرري ڪئي وڃي جڏھن ته اھڙن مضمونن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ چار ڪلاس ضرور مختص ڪيا وڃن. ان کان علاوه اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ “آسان سنڌي” جي نصابي ڪتابن جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي پڻ سنڌي ۽ اردو مضمون لازمي پڙهايا وڃن، گڏوگڏ خانگي اسڪولن کي پڻ مشورو ڏنو ويو آھي تب پنهنجي تيار ڪيل اردو ۽ سنڌي نصابي ڪتابن ڪلاس ٽئين کان ڪلاس نائين تائين ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽي ٽيوشن کي تصديق لاءِ موڪلي ڏنا وڃن ته جيئن انھن جي معيار جو جائزو پڻ وٺي سگھجي. صوبائي وزير چيو آهي ته اهي قدم اسانجي مادري ٻولين جي واڌ ويجھ، اثرائتي تدريسي عمل، قانوني گھرجن جي پاسداري، ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن، ۽ ان حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽي ٽيوشنز خانگي اسڪولن کي ان ڏس ۾ ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.