فروری 5, 2025

ڪراچي،ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي انتظام هيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس 833 ليڪچرارن ۾ آفر ليٽر تقسيم سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ اي-ليول ڪلاسز جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيا آهیون. سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاههڪراچي 11 ڊسمبر 2024: ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي انتظام هيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪندڙ ليڪچرارز ۾ آفر ليٽر ورهائڻ جي تقريب ۾ تعليم ۽ معدنيات جي ترقيءَ واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير تعليم ايس پي ايس سي جي سفارش سان اهل قرار ڏنل 833 نون ليڪچرارز ۾ آفر ليٽر تقسيم ڪيا. ان موقعي تي هن چيو ته شاگردن لاءِ ڪاليج ايجوڪيشن جو مرحلو تمام اهم هوندو آهي. سنڌ جي ڪجهه سرڪاري ڪاليجن ۾ اي-ليول ڪلاسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن سرڪاري ڪاليجن جا شاگرد به وڌيڪ اڳتي وڌي سگهن ۽ مقابلي جي هر ميدان ۾ پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن. اربع جي ڏينهن اسڪائوٽس هال ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن آصف اڪرم، ڊي جي ڪاليجز ڊاڪٽر نويد ربّ صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه نون استادن کي مبارڪباد ڏيندي کين ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڀليڪار ڪيو. صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته "اميد آهي ته اوهين هڪ معتبر پيشيوراڻي ۽ ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيندا. استاد هجڻ پاڻ ۾ هڪ وڏي ذميواري آهي. استاد اسان جي مستقبل واري راھ جا روشن ڏيئا آهن.” هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا سڀئي 374 ڪاليج اسان لاءِ اهم آهن، هر ڪاليج ۾ تدريسي عمل کي فعال رکڻ تمام ضروري آهي. اسان کي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي به پنهنجي ٻارن جيان اهميت ڏيئي پڙهائڻو آهي. اسان سڀني استادن کي شهرن ۾ مقرر نٿا ڪري سگهون. استاد جي پيشي کي نوڪري جي بجاءِ ذميواري سمجهي سرانجام ڏيڻو پوندو. تعليم وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته نون استادن کي گذريل زندگي ۽ اڄ کان شروع ٿيندڙ زندگي جي ڀيٽ ڪري اڳتي جو رستو طئي ڪرڻو پوندو. سماج جي ٻارن کي پنهنجي ٻارن کان هرگز مختلف نه سمجهو. ڪاليج ايجوڪيشن کي زندگي جو انتهائي ضروري مرحلو مڃيو وڃي ٿو. يونيورسٽين لاءِ اهل شاگردن کي تيار ڪرڻ ڪاليج جي استادن جي وڏي ذميواري آهي. استاد شاگردن جي تنقيدي سوچ تي ڪم ڪن، کين مختلف سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ جي قابل بڻائن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ اي-ليول ڪلاسز به شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان غريب شاگردن لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وڌندا. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ آصف اڪرم چيو ته ڊپارٽمينٽ پاران 1659 خالي آسامين کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ 1357 اهل اميدوارن جي ايس پي ايس سي سفارش ڪئي ۽ 833 اميدوارن کي تصديق جي مرحلي کان پوءِ اڄ آفر ليٽر ورهايا ويا آهن. هن چيو ته تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايت تي ميرپورخاص ريجن ۾ ليڪچرارن جو انگ وڌايو ويو آهي جڏهن ته ڪمپيوٽر سائنس جي ليڪچرارن جو انگ به وڌايو ويو آهي. ان موقعي تي ڪاليج ليڪچرار جي 7 مضمونن ۾ ڪمپيوٽر سائنس جا 282، سنڌي 219، بوٽني 119، ميٿميٽڪس 106، اسٽيٽسٽڪس 80، ڪيمسٽري 14 ۽ سائڪولوجي جي 13 ليڪچرارن کي آفر ليٽر ڏنا ويا.*ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه*عدالتن جو احترام آهي، اسٽي آرڊر کان اڳ ڊپارٽمينٽ جو به موقف ٻڌو وڃي. وزیر تعليم سنڌان کان اڳ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسڪول يا ڪاليجن جي شعبي ۾ مسلسل سڌارن جي ضرورت هوندي آهي. جتي به شيون درست ٿي سگهن ٿيون اسان کي ان طرف سفر جاري رکڻ گهرجي. ان سوچ کي اڳتي وڌائيندي اسان سٺن استادن کي ڀرتي ڪيو آهي جنهن جا هاڪاري نتيجا به اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هلندڙ سال سنڌ ۾ "سائنس ان سنڌ” جي حيثيت ۾ ملهائجي رهيو آهي. ٻارن جي سائنس ايجوڪيشن تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سائنس سوال ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ سيکاري ٿي. اسان نصاب تي به ڪم ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر پنجن سالن ۾ نصاب ۾ تبديلي ضروري هوندي آهي. هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته ايجوڪيشن جي انتظامي ڍانچي ۾ تبديلي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جي تحت غير ضروري عهدن کي ختم ڪنداسين. اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ايڪسيليريٽيڊ پروگرام ۽ نان فارمل ايجوڪيشن جي تحت کين تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اسڪول اپ گريڊيشن جي مدد سان ڊراپ آئوٽ انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هڪ سوال تي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجون ڪوتاهيون نه لڪايون، ٻوڏ ۾ 20 هزار اسڪولن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ اسان لاءِ صوبي جي بجيٽ مان اسڪولن جي ٻيهر تعمير مشڪل آهي. وفاق کان مشڪل سان پي ايس ڊي پي تحت ڪجهه حصو مليو پر ڪورٽ جي اسٽي سبب اسڪولن جي تعمير جو مرحلو رڪجي ويو آهي. صوبائي وزير هڪ سوال تي چيو ته اسان عدالتن جو احترام ڪندا آهيون پر تعليم ڊپارٽمينٽ جي حوالي سان عدالتون اسٽي آرڊر ڏيڻ کان اڳ ڊپارٽمينٽ جو به موقف ضرور ٻڌن. پهرين مرحلي ۾ اسٽي سبب ڊپارٽمينٽ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بورڊ جي امتحانن ۾ نئين طريقيڪار جي حوالي سان تعليم واري وزير چيو ته بورڊ امتحانن کان اڳ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کان امتحان جي مشق ڪرائي ويندي ته جيئن امتحانن ۾ استادن ۽ شاگردن لاءِ آساني ٿي سگهي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے