نومبر 22, 2024


ڪراچي/ حيدرآباد/ميرواهه گورچاڻي ارسا ايڪٽ ۾ تر خلاف عوامي تحريڪ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي، ميرواهه گورچاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪئي وئي، عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 22 سيپٽمبر تي اعلانيل احتجاج جون تياريون به جاري. تفصيلن موجب عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ عبداللہ ٻپڙ، نويد عباس ڪلھوڙو، ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو ڪراچي ڊويزن جو درو ڪري مختلف ماڻهن کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ سنڌو درياءَ جو پاڻي وڪرو ڪيو ويندو جنھنڪري سنڌ جو مسڪين هاري ۽ آبادگار زمينون آباد نه ڪري سگهندو، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي هٿ وٺي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، مٿان وري نوان ڪينال ۽ ڊيم ڪڍي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياءَ تي ٿيندڙ قبضن خلاف ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي. ٻي پاسي سنڌي ھاري تحريڪ پاران مرڪز جي سڏ تي ميرواھ گورچاڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري جي اڳواڻي سنڌي ھاري جي مرڪزي اڳواڻ شگن ڪولھي، نور محمد خاصڇيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، محبوب ننداڻي، عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ امير بخش جروار، سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻ طالب جروار، غلام محمد چانڊيو، خيرمحمد چانڊيو ۽ ٻين ڪئي.
مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ سئو سالن کان ڌاڙو پيو لڳي، مٿان وري حڪمران سنڌو درياءَ تي مڪمل طور قبضو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم پيا ڪن ۽ سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڪينال پيا ڪڍن جنھن ۾ پ پ جو حڪمران ٽولو عوام سان غداري ڪري ڌاڙيل ڪينالن ۽ ڊيمن جي حمايت ڪري رهيو آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گرين ڪارپوريٽ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو پلان جوڙيو ويو آھي، جيڪو سنڌ جو ھاري ۽ آبادگار ڪڏھن قبول نه ڪندو ۽ ھن سازش کي پرامن جدوجھد وسيلي ناڪام بڻايو ويندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے