نومبر 22, 2024

ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته وفاقي حڪومت يقين دهاني ڪرائي آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه پئي ڪئي وڃي ان لاءِ جي ڊي اي جي احتجاج جو هاڻي ڪو به فائدو ناهي. آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. 26 هين آئيني ترميم لاءِ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين سياسي جماعتن سان ڳالهيون جاري آهن، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ترميمي مسودي بابت جلد ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات جو سيڪريٽري عاجز ڌامراهه پڻ موجود هو. نثار کهڙو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ مان اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪرائي سنڌ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ان لاءِ سنڌ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪري ٿی. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي متفقه قرارداد کان پوءِ جي ڊي اي سميت ڪجهه ٻيون جماعتون هاڻي ننڊ مان جاڳيون آهن جڏهن ته اِهو ترميم وارو معاملو ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي سندن احتجاج جو ڪو به فائدو ناهي. هن چيو ته پاڻي صوبائي سبجڪيٽ آهي ۽ صوبي جي مرضيءَ ۽ راضپي بناءَ ارسا جي ايڪٽ ۾ ڪاما يا فل اسٽاپ جي به تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت صوبي جي منظوريءَ جي بغير ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ تڪرار جو معاملو ارسا ۽ سي سي آءِ جي اختيار ۾ اچي ٿو. هن چيو ته جڏهن نگران حڪومت ارسا چيئرمين جي تقرري ڪئي ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ ڀرپور ردعمل ڏنو جنهن تي وفاقي حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ هاڻي به وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نه ٿي ڪري سگهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪرڻ واري قرارداد جي منظوريءَ کان پوءِ وفاقي حڪومت اِهو يقين ڏياريو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ وفاق پاران ڪا به ترميم نه پئي آندي وڃي. گرين انيشئيٽو پاڪستان تحت پنجاب جي لکين ايڪڙ ايراضي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهڻ بابت سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍيا ويندا ته پوءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ان بابت وضاحت اچڻ گهرجي. هن چيو ته تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين پمپنگ مشينون لڳائي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ کي ان جي حصي جو پورو پاڻي به نہ پيو ڏنو وڃي ۽ جڏهن سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڪئنال ڪڍي پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ انهن ڪئنالن ۾ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ ان بابت سنڌ کي جواب گهرجي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي سنڌ کي ڪو به لنڪ ڪئنال قبول ناهي ۽ سنڌ پاڻيءَ تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. هن چيو ته سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي ۽ پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙي واري صوبي سنڌ جو تسليم ڪري سنڌ کي 91ع معاهدي تحت پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڪيترو پاڻي وهائڻ گهرجي ان بابت به ڪو جواب نه پيو ڏنو وڃي. آئيني ترميم بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته آئيني عدالت جو قيام ميثاقِ جمهوريت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ شامل آهي ان لاءِ آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ جي حيثيت گهٽ نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته آئيني معاملا آئيني عدالت ۾ ويندا ۽ سپريم ڪورٽ التوا ۾ پيل لکين ڪيس اڪلائي سگهندي جنهن سان سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو پڻ دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته چيف جسٽس پسند يا ناپسند جو آڻڻ بابت اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ عدالتون آزاد آهن ان لاءِ چيف جسٽس ڪير به هجي اُهو آزاد عدليه تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته آئين ۾ ترميم ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي بغير نه ٿي ٿي سگهي ان لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سميت ٻين سياسي جماعتن سان رابطا ۽ ملاقاتون ڪري رهيو آهي ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان ترميم بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ملاقاتون ڪرڻ ڪو به غيرجمهوري عمل ناهي. اسين جمهوري طريقو استعمال ڪري رهيا آهيون پر ٻين وانگر اسٽبلشمينٽ سان رابطو ته نه پيا ڪيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سياسي جماعتن سان جمهوري انداز ۾ ملاقاتون ڪرڻ کي منفي ڪردار چوڻ غيرجمهوري سوچ رکندڙ جي عڪاسي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم جي مسودي تي جلد ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچندا ۽ ٿي سگهي ٿو ته آئيني ترميم بابت اتفاق راءِ ٿي وڃي. هن چيو ته آئيني ترميم تي سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ کان پوءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پارليامينٽ مان آئيني ترميم منظور ٿي سگهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے