جولائی 10, 2026

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اطلاعات کاتي جي فلم اوور سائيٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات کاتي تحت جاري فلمي منصوبن تي اڳڀرائي، اُنھن جي مڪمل ٿيڻ، مستقبل جي حڪمت عملي، فلمي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ سميت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب اللھ ميمڻ، بورڊ جي ميمبرن زالي سرحدي، وقاص رضوي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين سرڪت ڪئي.
اجلاس دوران اطلاعات جي انتظام ھيٺ ڪيل تيار ٿيندڙ فلمي منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏھن تھ فلمن جي پروجيڪشن، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڊسٽريبيوشن، مختلف فلم فيسٽيولز ۾ شرڪت، نجي شعبي سان اشتراڪ، ڊجيٽل رليز ۽ جديد گھرجن سان ھم آھنگ تشھيري حڪمت عملي تي بھ خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي او ٽي ٽي پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا ذريٿي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي اثرائتي انداز ۾ متعارف ڪرائڻ جي مختلف پاسن تي بھ غور ڪيو ويو تھ جيئن اُنھن منصوبن جي رسائي گھڻي کان گھڻي عوام تائين يقيني بڻائي سگھجي.
اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت فلم ۽ تخليقي صنعت کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ سنجيدھ ۽ عملي قدم کڻي رھي آھي، ھن چيو تھ معياري فلمون ملڪ * صوبي جي ثقافت، تاريخ، سياحت، سماجي قدرن کي دنيا جي آڏو اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھن، ان لاءِ فلمي منصوبن ۾ اعليٰ معيار، جديد گھرجن ۽ بين الاقوامي معيار کي خاص طور تي مدنظر رکيو پيو وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھاڻوڪي دور ۾ جديد پليٽ فارم فلمن جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن،اُن لاءِ او ٽي ٽي پليٽ فارمس ۽ سوشل ميڊيا کي اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪندي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي وسيع پيماني تي متعارف ڪرايو وڃي. ھن ان ڳالھھ تي زور ڀروي تھ فلم انڊسٽري کي ھٿي ڏيڻ سان نھ رڳو نوجوان تخليق ڪارن، ھدايتڪارن، مصنفن ۽ فنڪارن کي نوان موقعا ملندا پر سنڌ جي ھاڪاري ۽ روشن تصوير بھ بين الاقوامي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ٿيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے