دسمبر 22, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ترقياتي پيڪيج جي منظوري سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي ۽ بروقت فيصلو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ٻيهر مضبوط، فعال ۽ مقابلي جي سگهه رکندڙ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ مڪمل سنجيدگي ۽ تسلسل سان ڪم ڪري رهي آهي.

هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي قومي معيشت جي دل آهي ۽ صنعتي زونن جي بحالي ۽ ترقي سڌي طرح روزگار، برآمدات ۽ سيڙپڪاري سان جڙيل آهي. هن ٻڌايو ته صنعتي علائقن جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ جامع روڊ ميپ تحت اڄ سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا پيا وڃن، جيڪي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اهي فنڊز انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان مهيا ڪيا پيا وڃن، جيڪو صنعتن پاڻ ادا ڪيو آهي.

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مختلف صنعتي زونن لاءِ ضرورت ۽ ترجيح جي بنياد تي فنڊز جي منصفاڻي ورڇ سنڌ حڪومت جي عملي قدمن جو واضح ثبوت آهي. هن زور ڏيندي چيو ته ترقياتي منصوبن جي معيار، رفتار ۽ شفافيت تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته تجويز ڪيل نگران ڪميٽي ذريعي سڀني منصوبن جي سخت نگراني ڪئي ويندي.

هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ واضح اعلان ڪيو آهي ته پهرئين مرحلي جي تڪميل کان پوءِ صنعتي علائقن لاءِ ساڳئي نوعيت جو هڪ ٻيو وڏو ترقياتي پيڪيج پڻ ڏنو ويندو.
هن چيو ته صنعتي انفراسٽرڪچر جي بحالي سان ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس ۾ بهتري ايندي، ڪاروباري خرچ گهٽ ٿيندا ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد ٻيهر بحال ٿيندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے