دسمبر 22, 2025

سکر ۾ "اميد جي ڊوڙ” جي ٿيم تي منعقد ٿيل ٻي لوڪ سھائتا انٽرنيشنل ميراٿن مراڪش جي اليوسف عبدالماجدElhissouf Abdelmajid) کٽي ورتي

10 ڪلوميٽرز جي عورتن واري ميراٿن ۾ ڪينيا جي ميئوني متوڪو (Meuni Mutuku) ڪامياب قرار

ميراٿن ۾ 28 کان وڌيڪ غير ملڪين سميت 3 هزار کان وڌيڪ ائٿليٽس شرڪت ڪئي

ميراٿن ۾ شريڪ ۽ شھرين جو جوش ۽ خروش ڏسڻ جوڳو ھو

سکر سکر ۾ لوڪ سهائتا ٽرسٽ طرفان منعقد ڪرايل ٻي انٽرنيشنل مراٿن جو ڪامياب انعقاد ٿيو، مردن جي فل ميراٿن ۾ مراڪش جي اليوسف عبدالماجد (Elhissouf Abdelmajid) مقرر ڪيل 42.195 ڪلوميٽرز جو فاصلو 2 ڪلاڪ 22 منٽ ۽ 33 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري پھريون نمبر حاصل ڪري ورتو. اهڙيء طرح مردن ۾ ائٿوپيا جي ائٿليٽ ميھرتو نيبر آئليو (Miheretu Neber Ayalew) ٻيو نمبر رهيو، جنهن مقرر ڪيل فاصلو 2 ڪلاڪ 28 منٽ ۽ 38 سيڪنڊ ۾ طئي ڪيو، جڏهن تہ ڪينيا جي جيڪسن مائينيا (Jaukson Mania) 42.195 ڪلوميٽرز جو فاصلو 2 ڪلاڪ 30 منٽ ۽ 58 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري ٽيون نمبر حاصل ڪيو.

ساڳي ريت عورتن جي 10 ڪلوميٽر ڊوڙ ۾ پهريون نمبر ڪينيا جي ميئوني متوڪو (Meuni Mutuku) 40 منٽ 25 سيڪنڊن ۾ فاصلو طئي ڪري حاصل ڪيو، جڏهن تہ جاپان جي يوڪو لوگوچي (Yuko Lriguchi) 40 منٽ 49 سيڪنڊن ۾ فاصلو طئي ڪري ٻيو نمبر ۽ فيصل آباد جي ماھ نور افضل مقرر ڪيل فاصلو 43 منٽن ۾ طئي ڪري ٽيون نمبر حاصل ڪيو. هن ڊوڙ ۾ 3 هزارن کان وڌيڪ ائٿليٽس شرڪت ڪئي، جن ۾ اٽلي، ڪينيا، ائٿوپيا، جاپان، مراڪش سميت 15 ملڪن جي 28 غيرملڪي رنرز پڻ شامل هيا.

ميراٿن جي افتتاحي تقريب صبح 7 لڳي 15 منٽن تي ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، سيڪريٽري جامعات ۽ بورڊز سنڌ محمد عباس بلوچ ۽ لوڪ سھائتا ٽرسٽ جي چيئرمين ڊي آءِ جي پير محمد شاھ جي اڳواڻي ۾ ٿي. مردن جي ميراٿن پبلڪ اسڪول سکر کان وارث ڳنڀير خيرپور تائين ۽ واپس يو ٽرن وٺندي سکر پبلڪ اسڪول، جڏهن ته عورتن لاءِ ڊوڙ جو فاصلو پبلڪ اسڪول سکر کان سينٽرل جيل سکر ۽ اتان واپس يو-ٽرن وٺندي سکر پبلڪ اسڪول تائين مقرر ڪيو ويو هو. ساڳيء طرح پبلڪ اسڪول سکر ۾ هڪ ڪلوميٽر فاصلي تي ٻڌل انڊر-18 ميراٿن کان سواءِ 1 ڪلوميٽر فاصلي جي صحافين جي ميراٿن جو انعقاد پڻ ٿي گذريو. سکر ۾ ميراٿن جي سيڪيورٽي انتظامن لاءِ رستن سان سنڌ پوليس ۽ نيشنل ھاءِ وي ۽ موٽروي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪيل ھئي.

انعامن ورھائڻ واري تقريب ۾ تقريب جي خاص مھمان صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاھ، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، ايس ايس پي سکر اظهر مغل ۽ ٻين مردن جي ميراٿن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ ائٿليٽ کي 5 لک روپيا، ٻيو نمبر ماڻيندڙ کي اڍائي لک روپيا، ٽيون نمبر حاصل ڪندڙ ائٿليٽ کي ڍيڍ لک رپيا، چوٿين نمبر واري کي هڪ لک ۽ پنجين نمبر ماڻيندڙ کي 50 هزار رپيا انعام ڏنو ويو، جڏهن ته عورتن جي ڊوڙ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ ائٿليٽ کي 2 لک، ٻيو نمبر ماڻيندڙ کي 1 لک روپيا، ٽئين نمبر واري کي 75 هزار روپيا، چوٿين نمبر کي 50 هزار ۽ پنجون نمبر ايندڙ کي 25 هزار، جڏهن ته ان کان پوءِ 20 نمبرن تائين ايندڙ ھر ھڪ ائٿليٽس کي ويھ ويھ هزار رپيا انعام ڏنو ويو.

انھيءَ موقعي تي تقريب جي خاص مھمان صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار علي شاھ چيو ته ميراٿن سان سکر، سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جو سافٽ اميج دنيا ۾ اجاڳر ٿيندو. هن ميراٿن جي سمورن غيربملڪي ائٿليٽس کي ثقافت کاتي طرفان سکر جي تاريخي لينسڊائون پل، ستين جي آستان، سنڌ جي هزارين ورهيہ پراڻي تهذيب موئن جي دڙي، ڪوٽڏيجي قلعي، ساڌ ٻيلي مندر ۽ ٻين سياحتي ھنڌم جي دوري جي دعوت ڏني.

ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي طرفان ٻي لوڪ سهائتا ميراٿن جي سمورن غيرملڪي ائٿليٽس جي لاءِ في ڪس 3 سؤ آمريڪي ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو تہ ميراٿن جي ڪامياب انعقاد جو سمورو ڪريڊٽ پير محمد شاھ ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو، جن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. هن چيو تہ ملڪ کي پڻ اهڙن رھبرن جي ضرورت آهي، جيڪي چيلينجز سان مقابلي لاءِ تيار ھجن. هن ميراٿن جي رنرز کي سکر ۾ ثقافتي لِباس ۾ ملبوس ۽ خوش آمديد ڪندڙ سوئيٽ هوم جي ننڍڙن ٻارن جي مھمان نوازيءَ جي جذبي کي پڻ ساراهيو.

ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي چيو تہ منظم ۽ عالمي معيار تي پوري لھندڙ ميراٿن آرگنائيز ڪرڻ تي لوڪ سهائتا کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ميراٿن سان صحتمند سرگرمين ۽ سياحت کي فروغ ملندو.

چيئرمين لوڪ سهائتا ۽ ڊي آءِ جي پير محمد شاھ سکر ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسل سکر، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا سکر ۽ خيرپور، سکر بيوريجز، پبلڪ اسڪول سکر ۽ اسڪول انتظاميا سميت سرڪاري ۽ نجي ادارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن سال اھا خوشيءَ جي ڳالھ آهي ته هن ڀيري ميراٿن جي ٽاپ-20 رنرز ۾ ٻن ڄڻن جو تعلق سکر ضلعي سان آهي، هي اوپن ۽ مفت ميراٿن آهي، جنهن ۾ رجسٽريشن لا ڪا بہ فيس مقرر ڪيل ڪو نه هئي. هن هن اميد جو اظهار ڪيو ته هڪ ڏينهن سکر جي لوڪ سهائتا ميراٿن جو شمار ٽوڪيو، نيويارڪ، پئرس ۽ ٻين وڏين ميراٿنز ۾ ٿيندو.

اختتامي تقريب کان لوڪ سهائتا جي پيٽرن چيف رٽائرڊ جسٽس آغا رفيق، سي اي او سکر بيوريجز سعيده لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ لوڪ سهائتا ميراٿن جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے