اکتوبر 29, 2025

ڪراچي

ڪفايت شعاري بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو۔ اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، قانون، پارلياماني ۽ گھرومعاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، جيل خانھ جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽرين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ مختلف کاتن پاران سرڪاري گاڏين جي الاٽمينٽ ۽ استعمال بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪاميٽي طرفان قانون، پارلياماني امور، بلديات، داخلا، اطلاعات، اينٽي ڪرپشن ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزارتن لاءِ نئين گاڏين جي خريداري، ضرورت ۽ مالي اثرن تي بحث ڪيو ويو۔
اجلاس دوران ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪابينا ڪفايت شعاري جي اصولن کي پنهنجي پاليسي جو بنيادي حصو بڻايو آهي۔ سرڪاري گاڏين جي خريداري، مرمت ۽ استعمال جي هر مرحلي ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو۔ جن کاتن کي گاڏين جي سخت ضرورت آهي، انهن کي سهولت ڏني ويندي، جڏهن تھ غير ضروري خرچن کان پاسو ڪرڻ اڻٽر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت مطابق سمورن کاتن کي پنهنجن خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مالي نظم و ضبط تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو۔ هر کاتي جي موجوده گاڏين جي تعداد، حالت ۽ ضرورت بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ضرورت جي بنياد تي فيصلا ڪري سگهجن.
شرجيل انعام ميمڻ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري گاڏين جي ذاتي استعمال يا غير مجاز مقصدن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سڀني گاڏين جو ڊجيٽل ريڪارڊ تيار ڪيو وڃي ته جيئن نگراني وڌيڪ مؤثر ۽ شفاف بڻائي سگهجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے