ڪراچي. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊ واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي پاران سال 2025 جي نائين ڪلاس جي نتيجن ۾ مجموعي نمبر ۽ گريڊ جاري نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ٽن ڏينهن اندر چيئرمين ميٽرڪ بورڊ کان تحريري وضاحت طلب ڪئي آهي. يونيورسٽين جي وزير پاران چيئرمين ڪراچي بورڊ کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ 23 آڪٽوبر تي نتيجن جو اعلان ڪيو، پر نه ته مجموعي نمبر فراهم ڪيا ويا ۽ نه ئي مضمون وار تفصيل ۽ گريڊ ظاهر ڪيا ويا. ان جي بدران، مختلف ذريعن کان صرف ڪامياب شاگردن جا رول نمبر جاري ڪيا ويا، جيڪو نتيجن جي مستند ۽ روايتي طريقي کان انحراف آهي. هن چيو ته نمبر ۽ گريڊ ظاهر نه ڪرڻ شاگردن ۽ والدين ۾ پريشاني ۽ شڪ پيدا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته شفافيت بابت سنگين خدشا پيدا ڪيا ويا آهن. محمد اسماعيل راهو ڪنٽرولر امتحانات ۽ آئي ٽي انچارج کي هدايت ڪئي ته ٽن ڏينهن اندر نتيجن جي اعلان ۾ طريقيڪار کان انحراف جا سمورا سبب ۽ حقيقتون لکت ۾ پيش ڪن ته جيئن ذميواري جو تعين ڪري سگهجي.
