اکتوبر 26, 2025

ڪراچي سنڌ حڪومت سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ فيس وڌائڻ کي حڪومتي منظوريءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو چيو آھي ته صوبي ۾ نائين کان ٻارهين جماعت تائين نئون گريڊنگ سسٽم آڻڻ تي به ويچار جاري آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن کان تجويزون ۽ اعتراض وصول ٿي چڪا آهن. ٽيڪنيڪل مسئلن جي حل ٿيڻ کان پوءِ نئون گريڊنگ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو، جيڪو عالمي معيار مطابق هوندو. محمد اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ واڌ نه پئي ڪري، جنهن ڪري هر سال گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون مالي دٻاءُ جو شڪار آهن. ان صورتحال ۾ سنڌ حڪومت اضافي گرانٽ فراهم ڪري تعليمي عمل کي متاثر ٿيڻ کان بچائي رهي آهي. هن چيو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون خرچن ۾ اضافي سبب فيسون وڌائين ٿيون، پر هاڻي کين پابند ڪيو ويندو ته جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي کي فيس وڌائڻي پوي ته پهرين حڪومت کان منظوري ورتي وڃي. هن واضح ڪيو ته شاگردن تي اضافي مالي بار نه وڌو ويندو، تعليمي خرچن جو وڏو حصو اڳ ۾ ئي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي سان جڙيل آهي ۽ سنڌ حڪومت تعليم جي معيار کي عام ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. تعليم سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ پھرين نمبر تي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے