جنوری 14, 2026

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپيمينٽ بينڪ جي ھڪ اعليٰ سطح جي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ آئيندي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفد ۾ ڊيوڊ مارگونز اسٽرن، سيد عمر علي شاھھ، حميد خان، فرانسوالوئي ڪليوم، احسن پراچا ۽ ويٽچنگ پو شامل ھُئا، جڏھن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او فواد غفار سومرو بھ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران وفد کي ريڊ لائن بي آر ٽي جي لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو تحت جاري تعميراتي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندن منصوبي کي ڪراچي جي سفري ضرورتن لاءِ نھايت اھم قرار ڏيندي خاطري ڪرائي تھ منصوبي جي وقت سر ۽ معياري تڪميل جي لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪي ٻنھي سطحن تي مڪمل سھڪار فراھم ڪيو ويندو.
اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ سرڪار جو اوليتي منصوبو آھي، جنھن سان روزاني لکين ماڻھو لاڀ ماني سگھندا. ھن ھدايت ڪئي تھ رٿا تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ھڪٻئي سان ويجھي رابطي ۾ رھن ۽ گڏيل سھڪار کي وڌيڪ ھٿي ڏين.

سندس چوڻ ھو تھ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان شھرين کي محفوظ، تيز ۽ گھٽ لاڳت واري سفري سھولت ملندي ۽ شھر جي ٽريفڪ جي نظام ۾ نمايان بھتري ايندي. اجلاس ۾ ان ڳالھھ تي اتفاق ڪيو ويو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي جي وقت سر تڪميل لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے