اکتوبر 14, 2025

شهيدن کي خراج عقيدت، شاگردن پاران قومي نغما ۽ تقريرون

ملڪ جي خودمختياري شهيدن جي قربانين جو نتیجو آهي، جنيد بلند

ڪراچي (12 آگسٽ، 2025) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ فيڊرل بي ايريا ۾ آزاديءَ جي حوالڪي سان "معرڪہءِ حق” جي عنوان سان هڪ پروقار تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون ۽ چيئرپرسن اسٽيوٽا جنيد بلند خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔
تقريب جو آغاز قومي تراني جي گونج ۾ پرچم ڪشائي سان ٿيو، جيڪا جنيد بلند سرانجام ڏني۔ جڏھن تہ اداري کي قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريل ويو ھو، شاگردن ملي نغمن ۽ تقريرن ذريعي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو۔ تقريب دوران شهيدن جي ياد ۾ خاص دعا پڻ ڪئي وئي۔
جنيد بلند پنهنجي خطاب ۾ چيو: "مان پرنسپال ۽ شاگردن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو، جن منهنجو پُرجوش استقبال ڪيو۔ سڀ کان پهريان مان اوهان سڀني کي آزاديءَ جي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔ ان کان پوءِ آئون انهن اڳواڻن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي اسان جي قائدن پاڪستان کي هڪ خودمختيار ملڪ بڻائڻ لاءِ ڏنيون۔ اڄ به اسان جي فوج ملڪ جي خودمختياري، امن ۽ تحفظ لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي۔”
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي آزادي شهيدن جي لازوال قربانين جو ثمر آهي، ۽ پاڪستان ۾ امن امان قائم رھڻ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي بهادر جوانن جي قربانين جي ڪري آهي۔ هن اهو به چيو ته اسٽيوٽا جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ هي تقريبون نوجوانن ۾ حب الوطني، ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبي کي هٿي ڏين ٿيون۔ هن وڌيڪ چيو: "پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه منهنجي مٿان اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي اسٽيوٽا جو چيئرپرسن مقرر ڪيو آهي۔ مان پوري محنت سان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته اسٽيوٽا نوجوانن ۾ مهارت جي واڌاري لاءِ هڪ موثر ذريعو بڻجي۔ مان لڳاتار مختلف ادارن جو دورو ڪري رهيو آهيان، حاضري ۽ ڪارڪردگيءَ جي نگراني ڪري رهيو آهيان۔ ساڳئي وقت، مان اسٽيوٽا ۾ مارڪيٽ سان هم آهنگ نوان ڪورس متعارف ڪرائڻ تي به ڌيان ڏئي رهيو آهيان، ته جيئن اسٽيوٽا موجوده مارڪيٽ ۽ صنعتن جي ضرورتن کي بهتر نموني پورو ڪري سگهي۔”
چيئرپرسن اسٽيوٽا جنيد بلند انسٽيٽيوٽ جي مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ شاگردن جي تعليمي ۽ نصابي سرگرمين کي ساراهيو۔ انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال ساجد اقبال چيئرپرسن جنيد بلند کي اداري ۾ جاري ڪورسز بابت بريفنگ ڏني ۽ شيلڊ ۽ گلدستو پيش ڪيو۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے