
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔
“پاڪستان جا امن پسند ماڻهو پنهنجو بهتر دفاع ڪرڻ به ڄاڻن ٿا.” — تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه
ڪراچي، سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان ڌرتيءَ جي جنھن خطي سان واسطو رکندڙ آھيون، ان جو تاريخي رويو امن پسندي آهي، اسان وٽ هر اُن دشمن کي جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي جيڪو اسان جي امن کي متاثر ڪرڻ يا اسان جي ملڪ تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، “بُنيان مرصوص” معرڪو حق ثابت ٿيو، سڀ کان وڏو حق پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظھار هن اڄ ڪراچي ۾ سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان جشنِ آزادي ۽ معرڪه حق جي سلسلي ۾ منعقده تقريب “جشنِ آزادي پاڪستان” ۾ خاص مهمان طور ڪندي ڪيو۔ ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ، زاهد علي عباسي، اسپيشل سيڪريٽري سيد جنيد، ڊائريڪٽر اسڪولز ڪراچي مرزا ارشد بيگ، ڪراچي جي ضلعي ۽ تعلقه آفيسرن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔
“جشنِ آزادي پاڪستان” جي سلسلي ۾ منعقدٿيندڙ تقريب ۾ ڪراچي ڊويزن سان واسطو رکندڙ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون، ٽيبلوز ۽ مختلف پرفارمنس پيش ڪري وطنِ عزيز سان محبت جو والهاڻو اظهار ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کان داد ماڻي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وطن سان محبت واري جذبي کي ساراهيندي چيو ته جشنِ آزادي ملهائڻ جو مقصد آزاديءَ جي نعمت تي شڪر ادا ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن کي ان جي اهميت کان واقف ڪرائڻ آهي، “هي اسان جو فرض آهي ته وطن سان محبت جي جذبي کي امانت سمجهي ايندڙ نسلن تائين پهچايون.” هن چيو ته ٻارن جون صلاحيتون ڏسي يقين ٿي ويو آهي ته مستقبل جو پاڪستان روشن خواب جي تعبير ڏانهن گامزن آهي، شاگرد وطن جي خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌن، خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائين،
تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ مودي جي سرڪار پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن لاءِ سر درد بڻجي وئي آهي، مودي انتهاپسندي ۽ جنگي جنون ۾ مبتلا آهي، اسان جي فوج معرڪه حق دوران ڀارت کي ٻڌائي ڇڏيو ته امن پسند ماڻهو بهتر دفاع ڪرڻ به ڄاڻن ٿا،
ڇو ته اصل حق جو معرڪو پنهنجي ڌرتي جي امن ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ آهي، ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ چيو ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن جون صلاحيتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن۔ تقريب سان ڊائريڪٽر اسڪولز ڪراچي مرزا ارشد بيگ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔