جنوری 14, 2026

،

ڪراچيءَ کان سکر تائين سب اربن ريلوي سروسز متعارف ڪرائڻ جو منصوبو، لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا، وزير توانائي ناصر شاهه

ڪراچي سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لاهور جي طرز تي پاڪستان ريلوي ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچيءَ کان سکر تائين سب اربن ريلوي سروسز شروع ڪرڻ جي تجويز تي غور ٿي رهيو آهي. هي منصوبو عوام جي سفري سهولتن ۾ وڏي واڌارو آڻيندو، جنهن مان روزانو لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا. ان سان گڏوگڏ انٽراسٽي بس سروسز تي به دٻاءُ گهٽبو ۽ رَش ڪري عوام کي ٿيندڙ تڪليفن ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ريلوي نظام ۾ سڌارن ۽ عوام لاءِ سفري سهولتن ۾ واڌ لاءِ سنڌ حڪومت اهم قدم کڻندي روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ شارٽ روٽ تي ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان توانائي کاتي جي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻي چيئرمين/سيڪريٽري پاڪستان ريلوي سيد مظھر الاسلام ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ سي او ريلوي عامر علي بلوچ، ڊي ايس ريلوي ڪراچي ريحان لاکو شامل هئا. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي طرفان سيڪريٽري توانائي مشتاق احمد سومرو، ايم ڊي ٿر ڪول انرجی بورڊ طارق علي شاهه، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪول ڊاڪٽر وقاص راجپوت، چيف ٽيڪنيڪل آفيسر شارق رضا ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.

ريلوي سيڪريٽري ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي پنجاب حڪومت سان گڏجي لاهور ۾ عوام لاءِ سب اربن ريلوي سروسز جو منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن مان 8 ڪروڙ آبادي فائدو وٺي رهي آهي. ان کان علاوه اسان وٽ ڪيترائي اهڙا منصوبه آهن، جيڪي اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، جن لاءِ سنڌ حڪومت جو سهڪار ضروري آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ۽ هدايت آهي ته عوام جي وسيع تر مفاد لاءِ وڌيڪ کان وڌيڪ منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي، ان لاءِ اسان هر اهڙي اداري سان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪو عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. اسان ريلوي سان به گڏجي عوامي مفاد وارن منصوبن ۾ نه صرف شراڪت ڪنداسين پر هر ممڪن سهڪار به مهيا ڪنداسين.

هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم مڪمل ڪري چڪي آهي، ريلوي لائن جي آس پاس کان تجاوزات هٽائڻ جو ڪم جاري هو پر نامعلوم سببن جي ڪري ريلوي انتظاميا طرفان اهو عمل روڪيو ويو.

ناصر شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مختلف منصوبن تي تيزي سان ۽ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته روهڙي کان ڪراچي تائين ٽريڪ منصوبو بهترين هوندو. پاڪستان ريلوي جو ايم ايل ون منصوبو ترجيحي بنيادن تي وٺو ويندو ۽ سنڌ حڪومت طرفان اين او سي سميت هر حوالن سان پورو سهڪار ڪيو ويندو.

هن چيو ته ريلوي انتظاميا جي سبب سان سنڌ حڪومت جا ڪيترائي منصوبا التوا جو شڪار آهن، جيڪي حل طلب آهن، تنهن ڪري گڏيل طور تي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا سمورن مسئلن جو حل ڪڍي. ان موقعي تي سنڌ صوبي ۾ واقع ريلوي اسٽيشنز ۽ حساس ريلوي ڪراسنگس جي بهتري لاءِ به تجويزون زير غور آيون. مختلف ريلوي اسٽيشنز کي گود وٺڻ ۽ ريلوي لائن جي چوڌاري صفائي ۽ سائي بيلٽ جي قيام لاءِ به تجويزن تي غور ڪيو ويو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے