فروری 2, 2026

عالمي امدادي ادارن پاران سماجي تحفظ جي سگھارو بنائڻ لاءِ حڪومت سنڌ کي مالي ۽ فني سهڪار ڏيڻ جو فيصلو، ٽيڪنيڪل گروپ جوڙيو ويو


ڪراچي بين الاقوامي ڊونر ادارن ۽ ترقياتي ايجنسين پاران حڪومت سنڌ جي اهم سماجي تحفظ پروگرامز سان باقاعدي ڀائيواري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هي سھڪار مالي، انساني وسيلن ۽ فني سهڪار سميت ڪيترن ئي اهم شعبن تي مشتمل آهي، جيڪو صوبي جي پوئتي پيل آباديءَ جي طبقن لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي تصور ڪيو پيو وڃي.
ان اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي لاءِ سماجي تحفظ تي هڪ خاص ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي. هي نئون گروپ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA) جي اڳواڻي هيٺ ڪم ڪندو، جيڪا سنڌ اسيمبلي جي هڪ ايڪٽ تحت قائم ٿيل خودمختيار ادارو آهي. ان ٽيڪنيڪل گروپ کي جرمن ترقياتي اداري GIZ جي فني سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. گروپ جي ميمبرن ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام، UNOCHA، FAO، UNDP، UNICEF، گيٽس فائونڊيشن، UNRC ۽ ٻين اهم ادارن جا نمائندا شامل آهن.
ان گروپ جي قيام جو مقصد سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي سرشتي کي سگھارو بنائڻ ۽ مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام (MCSP) کي اثرائتي نموني ڊيزائن ۽ لاڳو ڪرڻ آهي. هي قدم سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ واري وسيع پروگرام "Strengthening Social Protection Delivery Systems in Sindh (SSPDSS)” جو حصو آهي، جنهن لاءِ عالمي بئنڪ، 200 ملين آمريڪي ڊالر جي مالي سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جو حصو 30 ملين ڊالر آهي.
ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ جو افتتاحي اجلاس SSPA جي CEO ۽ SSPDSS جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سميع الله شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران سميع الله شيخ فورم کي ممتا پروگرام (MCSP) جي اهم اڳڀرائين بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2027 تائين مقرر ڪيل 13 لک ڳورھاري ۽ ٻارن کي کير پياريندڙ مائرن جي حدف مان، پروگرام جي اڌ سفر تائين 6 لک 95 هزار عورتن جي اڳ ئي داخلا ڪندي سندن مالي سھائتا ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته "ترقياتي ڀائيواري ادارا، SSPA سان گڏجي معلوماتي ٽيڪنالاجي، مانيٽرنگ اينڊ ايوليويشن، ۽ سماجي متحرڪ ڪرڻ جهڙن اهم شعبن ۾ پنهنجي سھڪار کي وڌائي سگهن ٿا ته جيئن صوبي ۾ سماجي تحفظ جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.”
GIZ جي سينيئر ڪنسلٽنٽ نويد اڪبر اجلاس کي ٻڌايو ته هو SSPA سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن آزمائشي ضلعن ۾ زرعي شعبي سان لاڳاپيل عورتن جو ڳاڻيٽو ڪيو وڃي، جيڪو هڪ اميدافزا قدم آهي ۽ ان جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.
ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهم نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي، جن ۾ عمران لغاري (UNRCO)، سليم شيخ (UNOCHA)، مبشر سومرو (FAO-UN)، ڊاڪٽر مظهر اقبال (UNICEF)، ڊاڪٽر فرحانه شاهد (گيٽس فائونڊيشن)، سلمى يعقوب (UNWFP)، فرينڪ شنائيڊر، رحمت ولي، سيد مبشر حسين، سحر ارشد، شعاع خالد (GIZ) جڏهن ته راشد محمود، فرخ سليم، محسن ٻٻر، محمد صهيب، وقاص عباسي ۽ اسماء مومل (SSPA) شامل هئا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے