تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه “مڊل ٽيڪ انيشيٽو” جو باقاعده افتتاح ڪندي چيو آهي ته هي قدم ٽيڪنيڪي ۽ ھنري مهارت سيکارڻ ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
“مڊل ٽيڪ انيشيٽو” تحت 300 اسڪولن ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جن سان 65,000 ٻارڙن کي اسڪولن ۾ روايتي تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تعليم پڻ ملي سگهندي. – سردار علي شاهه
ڪراچي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو “مڊل ٽيڪ انيشيٽو” تحت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم کي روايتي تعليم جو حصو بڻايو ويو آهي، صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه “مڊل ٽيڪ انيشيٽو” جو باقاعده افتتاح ڪندي چيو ته سنڌ تعليمي سڌارن جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هڪ ٻيو سنگ ميل طي ڪيو آهي. اسڪولن ۾ مڊل ٽيڪ تعليم هڪ اهڙو تعليمي ماڊل آهي، جيڪو شاگردن کي ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻيون مهارتون سيکارڻ ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سي ايم ايس گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ڪراچي ۾ منعقد ٿيل افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻي تعليم واري وقتي وزير رعنا حسين، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي، جائيڪا جي چيف ايڊوائيزر چي هو اوهاشي، چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر فوزيه خان، ڊائريڪٽر اسڪول ڪراچي مرزا ارشد بيگ، ڊي اي او سائوٿ ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ پريم ساگر، اسڪول پرنسپل ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.
مڊل ٽيڪ انيشيٽو” بابت جائيڪا اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي
ڊپارٽمينٽ (SE&LD) کي ٽيڪنيڪي سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ نصاب جي تياري، استاد جي تربيت ۽ اسڪولن ۾ ليبز قائم ڪرڻ شامل آهن. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 21هين صدي جي ضرورتن موجب تعليمي سڌارا لازمي آهن، هن چيو ته “هي قدم اسان جي شاگردن کي سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان قابل شهري بڻائڻ ڏانهن هڪ قدم آهي، روايتي تعليم ۽ عملي مهارتن جي وچ ۾ خلا کي ڀري، اسان پنهنجي نوجوان نسل لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. تعليم واري وزير چيو ته وسيلن جي کوٽ جهڙن مسئلن جي ڪري ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ٿي. اهڙن قدمن جي مدد سان ٻار پنهنجي شاگرديءَ جي دوران خودمختيار بڻجي پنهنجا تعليمي خرچ پورا ڪرڻ سان گڏ خاندان جي لاءِ سھارو پڻ بڻجي سگهندا.
صوبائي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 300 اسڪولن ۾
سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جن سان 65,000 ٻارڙن کي روايتي تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تعليم جي ڄاڻ پڻ ڏني ويندي. زراعت، بيٽوشن، ڊريس ميڪنگ، بنيادي رڌ پچاءُ، گرافڪ ڊزائيننگ، هوٽل مينيجمينٽ، ٽوئرزم جي ڄاڻ، انٽرنيٽ آف ٿنگس، لائيو اسٽاڪ، ميڊيا پروڊڪشن ۽ پلمبنگ جهڙا شعبا به هاڻي اسڪول سطح تي روايتي تعليم جو حصو هوندا. سيد سردار علي شاهه چيو ته مڊل ٽيڪ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ميٽرڪ ٽيڪ ۽ پوءِ ڪاليجز ۾ انٽر ٽيڪ ڪلاسز پڻ جلد شروع ڪيا ويندا. ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم زاهد علي عباسي چيو ته مڊل ٽيڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اسڪولن ۾ هن سال 1,600 ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويندو.
جائيڪا جي چيف ايڊوائيزر چي هو اوهاشي تقريب ۾ ٻڌايو ته جائيڪا استاد جي تربيت ۽ مڊل ٽيڪ جي نصاب جي تياري ۾ سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. انٽرنيٽ آف ٿنگس (IoT) ميڊيا پروڊڪشن ۽ ٽوئرزم جهڙا اضافي ٽيڪنيڪي ڪورسز به ايندڙ ڏينهن ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ مستقبل ۾ پڻ اهڙي سهڪار جاري رکيو ويندو. تقريب دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين معزز شخصيتن گرافڪ ڊزائيننگ جي نصاب جي باقاعده رونمائي ڪئي ۽ ان کي پنهنجي وزارت جي دور ۾ خوشي جو هڪ اهم ڏينهن قرار ڏنو. افتتاح کان اڳ صوبائي وزير سي ايم ايس گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ڪراچي ۾ مڊل ٽيڪ لاءِ قائم ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪيو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري کين محنت ڪرڻ جي تلقين پڻ ڪئي.
ه